درود شريف

درود شريف

درود شريف

درود شريف: لفظ دُرود فارسي ٻوليءَ جو آهي، صلواة، رحمت، تحسين، آفرين، حمد، ثنا، استغفار، سلام جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. دُرود جيڪڏهن الله تعاليٰ طرفان آهي ته ان جي معنيٰ رحمت ۽ برڪت ٿيندي. جـيـڪــڏهـن مـلائـڪــن طرفان آهي ته ان جو مطلب استغفار ٿيندو. جيڪڏهن مومنن طرفان (خصوصاً نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم تي) هوندو ته اهو دعا ۽ سلام هوندو ۽ جيڪڏهن ٻي ساهواري مخلوق طرفان هوندو ته اهو تسبيح ۽ حمد هوندو. (اردو لغت ج: 9، ص: 158، جامع اللغات ج: 1، ص: 997،، جامع سنڌي لغات ج: 2، ص: 889). درود کي عربيءَ ۾ ’صلوات‘ چئبو آهي، جنهن جي معنيٰ رحمت، فضل، مِهر، رضا آهي. لفظ صلواة نماز لاءِ به ڪم ايندو آهي. نماز خود هڪ دعا ۽ عبادت آهي. لفظ صلوٰة جون ٻه معنائون آهن. جڏهن صلوات معنيٰ نماز وٺبي ته اها خالص خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ شامل ٿيندي. صلواة جي ٻي معنيٰ درود آهي، يعني رسول الله صلي الله عليه وسلم تي صلواة ۽ سلام.
درود خدا جي ذات، نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم تي موڪليو آهي، جنهن جو ثبوت قرآن ڪريم جي آيت: اِنَّ اللهَ وَملٰئِڪَتَھ يُصَلُّونَ عَلَي النَّبِيط (الاحزاب: 56) آهي، جنهن جو مطلب آهي ته: ”بنا شڪ جي الله تعاليٰ ۽ ان جا فرشتا نبي پاڪ تي درود پڙهي رهيا آهن.“ نبي پاڪ تي درود جو حڪم ايمان آڻيندڙن کي به ڏنو ويو آهي.
هن آيت جي ٻئي حصي ۾ حڪم آهي ته: ’يا ايها الذين آمنوا صلوا عليھ وسلِموا تسليما‘ يعني: ’اي ايمان وارؤ! اوهان به حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن تي درود پڙهو ۽ ادب ۽ احترام سان کين سلام پيش ڪريو.‘
جڏهن مٿين آيت نازل ٿي ۽ مؤمنن کي درود ۽ سلام پڙهڻ جو حڪم مليو، ته صحابه ڪرام حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي عرض ڪيو ته يا رسول الله! اسان اوهان تي درود ۽ سلام ڪيئن پڙهون؟ پاڻ فرمايائون ته هن طرح پڙهو: اَللّٰهُمَ صَلِ عَلىٰ مُحَمَّدٍ وَعَلىٰ آلِ مُحَمَّدٍ ڪَمَّا صَلَّيْتَ عَلىٰ اِبْرَاهِيْمَ وَعَلىٰ آلِ اِبْرَاهِيْمَ اِنَّكَ حَمِيْدٌ مَّجِيْد. اهو ئي درود نماز ۾ به پڙهبو آهي. هن درود شريف کي ’درودِ ابراهيمي‘ سڏجي ٿو.
علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح، درود شريف جي صيغن جي تحقيق ڪئي، جيڪي صحابه ڪرام، ائمھ ڪرام، تابعين، تبع تابعين ۽ سلف صالحين کان روايت ٿيل آهن، جن جي سندَ سان نسبت حضور محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ڏانهن آهي. هن اهڙن 186 درودن جي صيغن تي مشتمل فارسيءَ ۾ هڪ ڪتاب ’ذريعة الوصول اليٰ جناب الرسول‘ لکيو. صحاح ستھ ۽ ٻين حديثن تي مشتمل ڪتابن ۾ درود شريف ۽ ان جي فضيلت ۽ اهميت تي باب موجود آهن. ان کانسواءِ ڪيترن عالمن ۽ بزرگن هر ٻوليءَ ۾ درود ۽ ان جي اهميت ۽ فضيلت تي ڪيترا ڪتاب لکيا آهن.
عالم اسلام سان گڏ سنڌ جي بزرگن به درود پاڪ بابت ڪتاب لکيا آهن. سنڌيءَ ۾ درود شريف تي فقير محمد اسماعيل ڪنڀار نقشبنديءَ جو ’برڪات الصلواة‘، فيض محمد سڪندريءَ جو ’فيضان الصلوٰة‘ ۽ ٻيا ڪتاب موجود آهن.
اها حقيقت آهي ته قرآن شريف کانپوءِ وڌ ۾ وڌ درود شريف پڙهيو وڃي ٿو. حضور صه جن جو فرمان آهي ته: ”اِن اولي الناس بي يوم القيٰمة اکثرهم علي الصلواة.“ (يعني: قيامت جي ڏينهن اسان کي اهو شخص سڀ کان وڌيڪ ويجھو هوندو، جنهن اسان تي درود شريف سڀ کان وڌيڪ پڙهيو هوندو.)


لفظ درود شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو